خيبرپختونخواهه ۾ هلندڙ سال جو پهريون پوليو ڪيس سامهون اچي ويو

پشاور: خيبرپختونخواهه صوبي ۾ هلندڙ سال جو پهريون پوليو ڪيس سامهون اچي ويو آهي. صحت کاتي جي اختيارين موجب خيبرپختونخواهه صوبي جي ضلعي نوشهره جي علائقي نوان ڪلي ۾ 3 سالن جي ٻارڙي ۾ پوليو وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي. هي صوبي ۾ هلندڙ سال جو پهريون پوليو ڪيس آهي. صحت کاتي جي اختيارين موجب گذريل سال خيبرپختونخواهه ۾ پوليو جا 22 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔