صحت جي عالمي اداري ٻي ڪرونا ويڪسين جي منظوري ڏئي ڇڏي

جنيوا: صحت واري عالمي اداري آڪسفورڊ يونيورسٽي ۽ آسٽرازينيڪا جي تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين جي 2 ورزن جي استعمال جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ماهرين طرفان ڪورونا جا برطانيه ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ سامهون ايندڙ نئين شڪل جي وائرس خلاف به بهتر قرار ڏيڻ کان پوءِ صحت واري عالمي اداري به آڪسفورڊ يونيورسٽي ۽ آسٽرازينيڪا جي تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين جي منظوري ڏئي ڇڏي. صحت واري عالمي اداري طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن ويڪسين جي هڪ ٻئي ورزن آسٽرازينيڪا(ڏکڻ ڪوريا) ۽ سيرم انسٽيٽيوٽ آف انڊيا جي به منظوري ڏني وئي آهي جيڪا ٻين جي ڀيٽ ۾ سستي پوندي آهي ۽ اهڙي طرح وڌ کان وڌ ماڻهن کي فراهم ڪري سگهجي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔