صدر اردگان ترڪ شهرين جي قتل تي آمريڪي بيان کي رد ڪري ڇڏيو

انقره: ڪرد باغين پاران پنهنجن اهلڪارن جي قتل جي مشروط مذمت ڪرڻ تي ترڪي جي پرڏيهي وزارت آمريڪي سفير کي گهرائي ورتو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب گذريل ڏينهن عراق ۾ ترڪ اهلڪارن جي قتل بعد ترڪي موقف اختيار ڪيو هو ته اهلڪارن جي اغوا ۽ قتل ۾ ڪرد باغي تنظيم ڪردستان ورڪرز پارٽي ملوث آهي، آمريڪا ان جي مشروط مذمت ڪئي آهي.
آمريڪي بيان ۾ چيو ويو هو ته جيڪڏهن ان ڳالهه جي تصديق ٿي وڃي ٿي ته ترڪ شهرين کي مبينا طور پي ڪي ڪي قتل ڪيو آهي ته اهڙي عمل جي شديد مذمت ٿا ڪيون.
آمريڪا طرفان اهڙي قسم جي بيان بعد صدر طيب اردگان سخت رد عمل ظاهر ڪندي ان کي دهشتگردن جي پٺڀرائي سان تشبيهه ڏني، هن چيو ته آمريڪا جو اهرو بيان کل جوڳو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔