براؤزنگ خاص خبرون

خاص خبرون

گل پلازه سانحو: فوتين جو انگ 26 ٿي ويو، گم ٿي ويل ماڻهن جي فهرست 83 تائين پهچي وئي

ڪراچي:  ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازه شاپنگ مال ۾ ڇنڇر جي رات لڳل باهه کي آخرڪار ڪنٽرول ڪيو ويو. باهه سبب عمارت جو 40 سيڪڙو حصو پٽ پئجي ويو. ساهه ٻوساٽجڻ ۽ سڙي فوت ٿي ويلن جو انگ 26 ٿي ويو. ملبو هٽائڻ ۽ لاش ڪڍڻ جو سلسلو اڃان تائين جاري…

وزيراعظم ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سوئٽزرلينڊ روانو

اسلام آباد:   وزيراعظم شهباز شريف ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني ڪانفرنس 2026 ۾ شرڪت جي لاءِ سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس روانو ٿي ويو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب وزيراعظم 19 کان 23 جنوري 2026 تائين ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني ڪانفرنس 2026 ۾…

سنڌ حڪومت سمورن تعليمي بورڊز ۾ نمبر سسٽم ختم ڪري ڇڏيو، گريڊنگ نظام جي منظوري

ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي جي سمورن تعليمي بورڊز ۾ امتحاني نتيجن جي لاءِ نمبر سسٽم ختم ڪري نئون گريڊنگ سسٽم لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. صوبائي وزير تعليم اسماعيل راهو موجب ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ جي امتحانن ۾ هاڻ شاگردن جي ڪارڪردگي نمبرن جي…

آمريڪا جا جنگي جهاز گرين لينڊ پهچڻ شروع ٿي ويا

واشنگٽن:  آمريڪا جا جنگي جهاز گرين لينڊ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. آمريڪي ۽ ڪينيڊين دفاعي اداري نوراڊ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته آمريڪي جنگي جهاز جلد گرين لينڊ ۾ قائم آمريڪي فوجي اڏي تي پهچندا. دفاعي اداري نوراڊ موجب گرين لينڊ جي…

مهانگي بجلي ۾ ڪاروبار نٿا ڪري سگهون، صنعتن جون چاٻيون حڪومت کي ڏئي رهيا آهيون: چيئرمين اپٽما

لاهور:  آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسيئيشن جي مرڪزي چيئرمين ڪامران ارشد چيو آهي ته مهانگي بجلي سبب 150 ملون بند ٿي چڪيون آهن، اسان وڌيڪ ڪاروبار ڪيئن ڪريون انهي ڪري صنعتن جون چاٻيون حڪومت جي حوالي ڪري رهيا آهيون. اپٽما هيڊ آفيس ۾ ٻين…

پاڻيءَ خاطر ٽي ٽي شاديون، عجيب رواج

ڇا توهان کي خبر آهي ته دنيا ۾ هڪ اهڙو ڳوٺ به آهي، جتي مرد پاڻي جي ڪري ٽي شاديون ڪندا آهن. يقينن اهو ٻڌي توهان کي عجيب لڳندو پر اچو ته ان پويان جي حقيقت ڄاڻون. ڀارتي رياست مهاراشٽرا جي ڳوٺ Denganmal ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي ۽ اتان جون…

ندا ياسر هڪ ڀيرو ٻيهر ٽرولز جو نشانو بڻجي وئي

لاهور : پاڪستاني اداڪاره ۽ ميزبان ندا ياسر، جيڪا اڪثر پنهنجن بيانن جي ڪري ٽرولنگ جو شڪار رهندي آهي، هاڻي ٻيهر صارفين جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي آهي.ميزبان، جيڪا دعويٰ ڪري ٿي ته هن ٽرولنگ مان سبق سکيو آهي، هن ڀيري سڀني جي ڌيان جو مرڪز آهي…

سنوڪر: شان نعمت پاران ٽاپ پليئر کي شڪست

لاهور: شان نعمت گولڊن جوبلي نيشنل سنوڪر چيمپيئن شپ ۾ سيڊڊ ايان مارڪ جان کي شڪست ڏني، ٽي ڀيرا ورلڊ چيمپيئن محمد آصف ايونٽ ۾ پنهنجي شاندار ڊوڙ جاري رکي.هن شروعاتي رائونڊ ۾ ٽئين ڀيري ٻه سينچري بريڪ ٺاهي، چيمپيئن شپ ۾ پنهنجي پري ڪوارٽر…

واٽس ايپ اسٽيٽس لاءِ بهترين فيچر متعارف

نيويارڪ : واٽس ايپ اسٽيٽس ۾ استعمال ڪندڙن لاءِ هڪ اهم اپڊيٽ ڪئي پئي وڃي.ڪمپني اسٽيٽس پرائيويسي کي بهتر بڻائي رهي آهي.هڪ رپورٽ موجب، واٽس ايپ جي اينڊرائيڊ بيٽا ورزن ۾ هڪ نئون فيچر سامهون آيو آهي.هي فيچر استعمال ڪندڙن جي رازداري جي حفاظت…

ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جو دائرو وڌيڪ شعبن تائين وڌائڻ جو فيصلو

اسلام آباد: کنڊ، سگريٽ، ڀاڻ ۽ سيمينٽ صنعتن ۾ ڪاميابي کان پوءِ، ايف بي آر ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي دائري کي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن اسٽيل انڊسٽري، دواسازي، مصالحا، بسڪٽ ۽ ٻيون پيڪيج ٿيل شيون شامل ڪري سگهجن.ايف بي آر ذريعن موجب، ايف…