ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي جي سمورن تعليمي بورڊز ۾ امتحاني نتيجن جي لاءِ نمبر سسٽم ختم ڪري نئون گريڊنگ سسٽم لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
صوبائي وزير تعليم اسماعيل راهو موجب ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ جي امتحانن ۾ هاڻ شاگردن جي ڪارڪردگي نمبرن جي بجاءِ عالمي معيار موجب گريڊز جي بنياد تي ڪئي ويندي. اسماعيل راهو ٻڌايو ته اهو فيصلو انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن جي پاليسي جي تحت ڪيو ويو آهي. جنهن جو مقصد سموري ملڪ جي تعليمي بورڊز ۾ هڪ جهڙائي آڻڻ آهي.
نئين گريڊنگ سسٽم جو لاڳو مرحليوار ٿيندو، هلندڙ سال 2026 ۾ نائين ۽ يارهين ڪلاس جڏهن ته سال 2027 ۾ ڏهين ۽ 12 ڪلاس جا امتحان انهي نظام جي تحت ٿيندا.
نئين پاليسي موجب پاسنگ مارڪس 40 سيڪڙو مقرر ڪيا ويا آهن، 40 سيڪڙو کان گهٽ نمبر کڻندڙ شاگرد کي يو گريڊ ڏنو ويندو جنهن سبب انهي کي ٻيهر امتحان ڏيڻ جو موقعو ملندو. صوبائي وزير موجب سمورن بورڊز ۾ گريڊنگ سسٽم لاڳو ٿيڻ کان پوءِ مستقبل ۾ جي پي اي سسٽم متعارف ڪرائڻ تي به غور ڪيو ويندو.
تبصرے بند ہیں۔