لاهور: آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسيئيشن جي مرڪزي چيئرمين ڪامران ارشد چيو آهي ته مهانگي بجلي سبب 150 ملون بند ٿي چڪيون آهن، اسان وڌيڪ ڪاروبار ڪيئن ڪريون انهي ڪري صنعتن جون چاٻيون حڪومت جي حوالي ڪري رهيا آهيون.
اپٽما هيڊ آفيس ۾ ٻين عهديدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪامران ارشد چيو ته حڪومت فوري طور تي معاشي ايمرجنسي لاڳو ڪري بيورو ڪريسي ۾ گاڏيون ورهائڻ ۽ روڊ ٺاهڻ جي بجاءِ عوام کي روزگار فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته ٽيڪسٽائل انڊسٽري زوال طرف وڃي رهي آهي. ڊسمبر ۾ گڏيل ايڪسپورٽس 19.55 سيڪڙو جڏهن ته ٽيڪسٽائل ايڪسپورٽس 8 سيڪڙو گهٽ ٿي آهي، 150 ملون بند ٿي چڪيون آهن.
ڪامران ارشد چيو ته صنعتن جون چاٻيون حڪومت جي حوالي ڪري رهيا آهيون حڪومت پاڻ صنعتن کي هلائي. انهي موقعي تي چيئرمين اپٽما نارٿ زون اسد شفيع چيو ته ايس آءِ ايف سي جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر به اهو مڃيو آهي ته 350 ارب روپين جي ڪراس سبسڊي واپس وٺڻ گهرجي.
هن چيو ته معيشت جو ڦيٿو رڪجي ويو ته انڊر پاس ٺاهڻ سان ڪجهه حاصل نه ٿيندو. ٻين جي بجلي چوري جو بار صنعتن تي نه وڌو وڃي، پاور منسٽري جي سموري ڪيلڪوليشن غلط آهي.
اپٽما اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته صنعت کي قومي ترجيح ٺاهيو وڃي ٻئي صورت ۾ ايندڙ 6 مهينن ۾ ايڪسپورٽ وڌيڪ گهٽ ٿي ويندي. اسان کي آمريڪا ۽ چين جي واپاري جنگ جو فائدو ٿيڻ گهرجي ها پر ائين نه ٿي سگهيو.
تبصرے بند ہیں۔