ڪراچي: ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازه شاپنگ مال ۾ ڇنڇر جي رات لڳل باهه کي آخرڪار ڪنٽرول ڪيو ويو. باهه سبب عمارت جو 40 سيڪڙو حصو پٽ پئجي ويو. ساهه ٻوساٽجڻ ۽ سڙي فوت ٿي ويلن جو انگ 26 ٿي ويو. ملبو هٽائڻ ۽ لاش ڪڍڻ جو سلسلو اڃان تائين جاري آهي. جڏهن ته گم ٿي ويل ماڻهن جي فهرست 83 تائين پهچي وئي آهي.
ڊپٽي ڪمشنر جاويد نبي کوسو چيو ته بلڊنگ جو 40 سيڪڙو حصو ڪري چڪو آهي. ايس بي سي اي جي ماهرن معائني کان پوءِ ٻڌايو آهي ته ٻيا حصا به انتهائي ڪمزور آهن. واپارين کان گذارش آهي ته اسان سان تعاون ڪن ۽ ريڊ زون کان پري رهن. ڊي سي چيو ته اڄ عمارت جي اندر داخل ٿي سرچنگ ڪئي ويندي. گم ٿي ويل ماڻهن جي فهرست ۾ 83 نالا شامل ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ٻيا نالا ٻيهر شامل ڪيا ويا انهي لاءِ 75 ماڻهن جي گم ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي. 39 ماڻهن جي لوڪيشن گل پلازه آئي آهي. هن چيو ته ايس بي سي اي جي ڊي موالش ٽيم اسان سان گڏ موجود آهي. جيڪا مختلف وقت دوران ٻڌائي رهي آهي ته اسان کي ڪهڙي طرح آپريشن ڪرڻو آهي.
ڊي سي ٻڌايو ته صبح جو ٽئين ۽ چوٿين منزل تي ريسڪيو اهلڪارن کي اماڻيو ويو. تفصيلي سروي ڪيو آهي پر اسان کي ڪابه لاش ناهي ملي. البته شڪ آهي ته عمارت جي کاٻي طرف وڌيڪ لاش هوندا. اتان رستو ٺاهي ٽيمون اماڻينداسين الله ڪري اسان کي رستو ملي وڃي. هن چيو ته ڇت تي موجود گاڏين کي لاهي مالڪن جي حوالي ڪيو ويو آهي. ڪجهه موٽر سائيڪلون موجود آهن انهن کي به هيٺ لاٿو ويندو.
جاويد نبي کوسو چيو ته گل پلازه ۾ باهه لڳڻ جي فوري بعد 15 کان 20 منٽن ۾ اسان 3 جڳهين کان داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي باهه ۾ ايتري شدت هئي جو ڪوبه ويجهو نه پئي وڃي سگهيو. ايم اي جناح روڊ تان ريسڪيو اهلڪارن داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي اتان کان ڪجهه ماڻهن کي ريسڪيو به ڪيو پر انهي دوران اسان جا ريسڪيو اهلڪار به زخمي ٿيا آهن.
ڊي سي چيو ته جنهن جنهن جڳهه کان اسان داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري سگهياسين ٿي اتان کان داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جتان کان ريسڪيو ڪري سگهياسين ٿي اتان کان ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو. هن چيو ته باهه جي شدت تمام وڌيڪ هئي، انهي جي ڪري اهو مسئلو پيش آيو. باهه جي شدت سبب ريسڪيو اهلڪار گل پلازه ۾ داخل نه ٿي رهيا هئا. اسان 32 ڀيرا عمارت ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. ڊي سي چيو ته اسان 4 پوائنٽ جي نشاندهي ڪري اتان هولز به ٺاهيا ماڻهو به اماڻيا ڪجهه حد تائين اندر به وياسين پر باهه جي شدت سبب اسان جا ماڻهو وڌيڪ اندر نه وڃي سگهيا.
تبصرے بند ہیں۔