ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي : موسميات کاتي ڪراچي سميت صوبي جي مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.موسميات کاتي موجب، 22 جنوري تي اولهه واري هوائن جو سسٽم سنڌ کي گهيري سگهي ٿو. هن سسٽم تحت، خميس تي ڄامشورو، دادو، ٺٽو، سجاول ۽ حيدرآباد ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.ان کان علاوه ٽنڊي محمد خان، ٽنڊي الهيار، سانگهڙ، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ نوشهروفيروز ۾ به هلڪي برسات جو امڪان آهي.22 جنوري تي شهيد بينظير آباد، خيرپور، سکر، گهوٽڪي، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ به هلڪي برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، هن سسٽم جي ڪري 22 جنوري تي ڪراچي ۾ هلڪي کان وچولي برسات پئجي سگهي ٿي.

تبصرے بند ہیں۔