ٻارن کي ارڙي، کنگهه ۽ ٻين بيمارين کان بچاءَ جا ٽُڪا لڳائڻ جو رواج گهٽ ٿيندو پيو وڃي

نيو يارڪ: گڏيل قومن جي ٻارن جي اداري يونيسيف چيو آهي ته هن وقت سڄي دنيا جو ڌيان ڪورونا ويڪسين تي آهي ۽ ٻارن کي ارڙي، کنگهه ۽ ٻين بيمارين کان بچاءَ جا ٽُڪا لڳائڻ جو رواج گهٽ کان گهٽ ٿيندو پيو وڃي. ان صورتحال تي ڊبليو ايڇ او ۽ يونيسيف خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي. ٻنهي تنظيمن خبردار ڪيو آهي ته سڄي دنيا ۾ ٻارن جون زندگيون بچائيندڙ ويڪسين لڳرائڻ جي رجحان ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي. ڊبليو ايڇ او جي ڊائريڪٽر تيدروس ايڊهانوم موجب ويڪسين صحت جي تحفظ لاءِ هڪ اثرائتو ذريعو آهي نه ته موجوده صورتحال ۾ بيمارين سان وڙهڻ لاءِ هيل تائين ڪيل اڳڀرائي ضايع ٿيڻ جو خطرو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔