ڪراچي سميت سنڌ جَي ڪيترن ئي شهرن ۾ وسڪاري کان پوءِ موسم خوشگوار

ڪراچي: ڪراچي سميت سنڌ جَي ڪيترن ئي شهرن ۾ رات برسات جي وسڪاري کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي. ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاهه، ميرپورخاص، سانگهڙ، خيرپور ، لاڙڪاڻو ، سکر ، شڪارپور، جيڪب ٻاد ۽ بين ضلعن جَي مختلف هنڌن تي طوفاني هوائن سان برسات جو وسڪارو ٿيو . حيدرآباد ريجن ۾ برسات بعد حيسڪو جا 103 فيڊرز بند ٿي ويا. نوابشاهه، سانگهڙ، مٽياري، عمرڪوٽ ۽ ٻين ضلعن جَي ڪيترن ئي لاڳاپيل علائقن جِي بجلي بند ٿي وئي. حيسڪو ترجمان جو چوڻ آهي ته برسات دوران حفاظتي قدم کڻندي فيڊرز بند ڪيا ويا آهن، برسات بند ٿيڻ بعد بجلي بحال ڪئي ويندي.، ٻئي پاسي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ بجلي بند ٿي وئي ،سنڌ جي ٻين شهرن شڪارپور، جيڪب آباد ،خيرپور ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ به برسات جي وسڪاري کانپوءِ بجلي بند ٿي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔