پاڪستان ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي ٻيو ڀيرو قونصلر پهچ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: پاڪستان گرفتار ۽ سزا يافتا ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي ٻيو ڀيرو قونصلر قونصلر پهچ فراهم ڪري ڇڏي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان عائشا فاروقي جي هڪ بيان موجب پاڪستان ڀارت جي درخواست تي ڀارتي جاسوس ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو کي ٻيو ڀيرو قونصلر پهچ ڏئي ڇڏي آهي.

بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان قونصلر لاڳاپن بابت 1963 جي ويانا ڪنوينشن (وي سي سي آر) تحت ڪلڀوشن ياديو کي پهريون ڀيرو قونصلر پهچ 2 سيپٽمبر 2019 ۾ ڏني هئي.

ان کان اڳ ڪلڀوشن جي ماءُ ۽ گهرواري کي به 25 ڊسمبر 2017 تي ساڻس ملاقات جي اجازت ڏني وئي هئي.

پرڏيهي ترجمان ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي ٻن قونصلر آفيسرن کي 16 جولاءِ منجهند 3 وڳي بنا رنڊڪ ۽ بنا وقفي قونصلر پهچ ڏني وئي.

بيان ۾ چيو ويو ته ڪلڀوشن ياديو کي هڪ ڳجهي آپريشن جي نتيجي ۾ بلوچستان مان 3 مارچ 2016 ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.

جاچ دوران ڪلڀوشن ياديو پاڪستان ۾ دهشتگرد سرگرمين جو اعتراف ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ سوين قيمتي جانيون ضايع ٿيون.

ڀارتي جاسوس پاڪستان ۾ رياستي دهشتگردي ۾ ڀارت جي ڳجهي ايجنسي ”راھ جي ڪردار جي حوالي سان به اهم انڪشاف ڪيا هئا.

پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان انصاف جي عالمي عدالت جي 17 جولاءِ 2019 جي فيصلي تي مڪمل عمل لاءِ پرعزم آهي ۽ اميد ڪري ٿو ته ڀارت ان فيصلي تي پاڪستاني عدالت ۾ مڪمل عمل جي سلسلي ۾ سهڪار ڪندو.

واضح رهي ته 8 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس ۾ ڊائريڪٽر جنرل ڏکڻ ايشيا، سارڪ زاهد حفيظ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ايڊيشنل اٽارني جنرل احمد عرفان ٻڌايو هو ته پاڪستان ڀارت کي ٻيو ڀيرو قونصلر پهچ جي آڇ ڪئي آهي، پاڪستان ڪلڀوشن جي گهرواري ۽ ماءُ سان ملاقات جي به آڇ ڪئي آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪلڀوشن پنهنجي سزا خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي ۽ ان بجاءِ هن پنهنجي ٻڌڻي هيٺ رحم جي اپيل تي جواب جي انتظار جو فيصلو ڪيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔