ڀارتي سفارتڪار ڪلڀوشن ڳالهائڻ کان سواءِ ئي هليو ويو: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد :پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارتي سفارتڪارن ڪلڀوشن ياديو تائين پهچ جي بدران فرار ٿيڻ وارو رستو اختيار ڪيو ۽ هو ڀارتي جاسوس سان ڳالهائڻ کان سواءِ ئي هليو ويو.

ميڊيا جي رپورٽن موجب شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪلڀوشن هر هر سفارتڪارن کي سڏيندو رهيو پر هنن هڪ نه ٻڌي.

شاهه محمود قريشي چيو ته قونصلر تائين پهچ جي ضرورت موجب سمورا قدم کنيا ويا. ڀارتي سفارتڪارن ڪلڀوشن تائين پهچ بدران فرار ٿيڻ وارو رستو اختيار ڪيو.

پرڏيهي وزير چيو ته ڀارتي سفارتڪار کي ڪلڀوشن تائين پهچ ڏني.، اڄ ڀارت جي 2 سفارتڪارن کي قونصلر تائين پهچ ڏني وئي.

پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت جي بدنيتي سامهون اچي وئي ته هي قونصلر تائين پهچ نه پيا چاهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔