آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان اٽلي جي سفير جي ملاقات

راولپنڊي:آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان اٽلي جي سفير ايندرياس فيراريسي ملاقات ڪئي.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب جنرل قمر جاويد باجوه ۽ اٽلي جي سفير ايندرياس فيراريسي جي ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، خطي جي صورتحال ۽ ٻن طرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجو اٽلي جي سفير کي ڪورونا خلاف هرممڪن سهڪار جي پيشڪش به ڪئي، ان موقعي تي اٽلي جي سفير خطي ۾ امن جي ڪوششن تي پاڪستان جي ڪردار جي تعريف ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔