باجوڙ ۾ افغان سرحد کان فائرنگ،3 ڄڻا اجل جو شڪار، 7 زخمي

باجوڙ:پاڪستان جي ضلعي باجوڙ ۾ سرحد پار کان فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 شهري اجل جو شڪار ۽ ست زخمي ٿي پيا، زخمي ٿيندڙن ۾ پاڪ فوج جا ٻه جوان به شامل آهن.

شروعاتي معلومات موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙن کي طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته اجل جو شڪار ٿي ويندڙن جي ميتن کي پڻ اسپتال پهچايو ويو جتان اهي ميتون سندن وارثن حوالي ڪيون وينديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔