والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي بربريت جاري، فائرنگ سبب وڌيڪ 3 ڪشميري شهيد

سري نگر: والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز پاران سرچ آپريشن جي آڙ ۾ فائرنگ ڪري وڌيڪ 3 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪيو ويو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب والاريل ڪشمير جي ضلعي ڪلگام ۾ ڀارتي فورسز هڪ ڀيرو ٻيهر بربريت جو مظاهرو ڪندي سرچ آپريشن جي آڙ ۾ 3 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي .

وادي جي مختلف علائقن ۾ ڀارتي فورسز گهيرو ڪيو جڏهن ته آخري اطلاعن تائين انهن جون ڪارورائيون جاري آهن.

گذريل ڏينهن به ضلعي ڪپواڙه مڳڻ ڀارتي فورسز جي رياستي دهشتگردي جي نتيجي ۾ ڪشميري نوجوان کي گهيري دورن شهيد ڪيو ويو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔