سنڌ پوليس جي وڌيڪ 150 اهلڪارن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق

ڪراچي: سنڌ پوليس ۾ ڪورونا وائرس جا 150 نوان ڪيس سامهون آيا، جنهن ان پوءِ ان وائرس مان متاثر پوليس آفيسرن ۽ جوانن جو انگ 2 هزار 360 ٿي ويو آهي.
سنڌ پوليس جي ترجمان موجب سنڌ پوليس ۾ گذريل 2 ڏينهن دوران ڪورونا وائرس جا 150 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، هن وقت تائين 2 هزار 360 جي لڳ ڀڳ آفيسر ۽ جوان ڪورنوا وائرس مان متاثر ٿيا آهن. 16 پوليس آفيسر ۽ جوان فرض جي ادائيگي دوران شهيد ٿيا جنهن مان 14 جو تعلق ڪراچي جڏهن ته 2 جو حيدرآباد رينج سان هو.
سنڌ پوليس جي ترجمان جو چوڻ هو ته هن وقت ڪورونا جو شڪار هڪ هزار 649 اهلڪار علاج هيٺ آهن جڏهن ته 695 آفيسر ۽ جوان صحتياب ٿي گهرن ڏانهن وڃي چڪا آهن، ڪورونا مان متاثر اهلڪارن جو مڪمل طور تي خيال رکيو پيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ روزاني جي بنياد تي بندوبست جاري آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔