سينيٽ جي انساني حقن بابت ڪميٽي فلم ” زندگي تماشا“ تي لڳل اعتراضن کي رد ڪندي اسڪريننگ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: سينيٽ جي انساني حقن بابت ڪميٽي فلم ” زندگي تماشا“ تي لڳل سمورن اعتراضن کي رد ڪندي ان جي اسڪريننگ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
پينل جي سربراهي ڪندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽ مصطفيٰ نواز کوکر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڪميٽي کي فلم ۾ ڪجهه به غلط نه ڏيکارڻ ۽ سينسر بورڊ کي ڪورونا کان پوءِ ان فلم کي ريليز ڪرڻ جي اجازت ڏيون ٿا.
زندگي تماشا جو پريميئر بوسان انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ ڪيو ويو هو پر هي ان وقت تڪرار جو شڪار ٿي وئي جڏهن تحريڪ لبيڪ پاڪستان 24 جنوري تي فلم جي ريليز جي خلاف احتجاج ڪندي ان کي توهين جوڳو قرار ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔