وزيراعظم عمران خان پاران ترڪي ۾ فوجي بغاوت جي ناڪامي جي ڏينهن تي پيغام

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان ترڪي ۾ فوجي بغاوت جي ناڪامي جي ڏينهن تي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي عوام پاران ترڪ صدر ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. پنهنجي پيغام ۾ عمران خان چيو ته چار سال اڳ ترڪ قوم پنهنجي بهادري ۽ قابليت جو اظهار ڪيو هو. هن چيو ته ترڪ قوم پنهنجي جمهوري ادارن، امن ۽ استحڪام جو دفاع ڪيو هو. عمران خان چيو ته 15 جولاءِ 2016 تي ترڪ قوم جي بهادري دنيا جي قومن لاءِ هڪ سبق آهي. هن چيو ته ترڪ قوم جي بهادري تاريخ ۾ ياد رکي ويندي، هڪ صدي اڳ اسان جي وڏڙن به ترڪ قوم لاءِ قرباني ڏيڻ کان پاسو نه ڪيو هو. عمران خان چيو ته سموري پاڪستاني قوم ترڪي جي امن، استحڪام ۽ جمهوريت جي خلاف اٿندڙ قدمن جي مخالفت ڪئي هئي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔