احتياط ڪريو: ڊبليو ايڇ او جي ڪرونا بابت وارننگ

جنيوا: صحت جي عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) جي ڊائريڪٽر خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن احتياطي تدبيرون سخت نه ڪيون ويون ته دنيا ۾ ڪورونا جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. ڪورونا وائرس سڄي دنيا کي بدلائي ڇڏيو آهي. جتي وائرس زندگي جي لاءِ خطرو آهي اتي سڄي دنيا جي معاشي صورتحال به خراب ٿيندي پئي وڃي.صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ادهانوم خبردار ڪيو آهي ته صحت بابت احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل نه ڪيو ويو ته سڄي دنيا ۾ ڪورونا وبا جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي.دنيا جي اڳ جيان معمول تي واپسي مستقبل ۾ نظر نه پئي اچي. ٻئي طرف ڪورونا وائرس سبب ٿيندڙ معاشي تباهي ۽ مهانگائي سڄي دنيا ۾ بک ۽ بدحالي جي شرح ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ساڳئي صورتحال جاري رهي ته 2030 تائين بک ۽ بدحالي جو منصوبو مڪمل نه ٿي سگهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔