چين ۾ تيز برساتن کان پوءِ ٻوڏ واري صورتحال، ڪيترائي ماڻهو فوت

بيجنگ: چين ۾ طوفاني برساتن کان پوءِ درياءَ ڀرجڻ سبب بدترين ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب غير معمولي برساتن سبب چين جا 33 دريا ڀرجي چڪا آهن جنهن سبب چين کي بدترين ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جڏهن ته موسميات کاتي وڌيڪ برساتن جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا آهن. چين جي آبي وسيلن واري وزير صحافين کي ٻڌايو ته 433 درياءَ ۽ وڏيون جهيلون پنهنجي انتهائي گنجائش کان پوءِ وارننگ ليول کان به مٿي ٿي چڪيون آهن.جڏهن ته برساتن سبب دريائن جا بند به ٽٽي چڪا آهن. آبي وسيلن واري وزير جو چوڻ هو ته ٻوڏ جي سيزن جي شروعات جون ۾ ٿي ۽ ٻوڏ ختم ٿيڻ جو وقت جولاءِ جي آخر يا آگسٽ جي آخر تائين ٿي ويندو آهي. تيستائين جهيلن ۾ موجوده خطرناڪ صورتحال برقرار آهي.هن چيو ته تيز برساتن جي سلسلي وچولي چين کي سخت متاثر ڪيو آهي جيڪو اوڀرين طرف به وڌندو. هن چيو ته 1961ع ۾ رڪارڊ بنجڻ کان پوءِ هن ڀيري سڀني کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي جنهن سبب ملڪ جو سڀني کان وڏو درياءُ پنهنجي گذريل سطح 94 فٽ تي واپس اچي ويو آهي.چين جي ايمرجنسي واري وزارت موجب ٻوڏ واري صورتحال سبب هنيئر تائين 141 ماڻهو فوت جڏهن ته ڪيترائي گم ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔