برطانيا: نئين ڪورونا وائرس جي امڪاني ٻي لهر هڪ لک ماڻهن جي موت جو سبب بڻجي سگهي ٿي

لنڊن : برطانيا ۾ نئين ڪورونا وائرس جي امڪاني ٻي لهر هڪ لک 20 هزار ماڻهن جي موت جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
اهو انڪشاف سائنسدانن هڪ تازي مطالعي جا نتيجا سامهون اچڻ کانپوءِ 14 جولاءِ اڱاري ڏينهن ڪيو آهي.
اڪيڊمي آف ميڊيڪل سائنسز اختيارين تي زور ڏنو آهي ته سيپٽمبر ۽ ايندڙ سال جون جي وچ ۾ ان امڪاني صورتحال کان بچڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.
برطانيا ۾ هيل تائين ڪورونا وائرس سان فوت ٿيندڙن جو انگ لڳ ڀڳ 45 هزار آهي.
هوڏانهن سومر جي رات برطانوي ميڊيا اهڙيون رپورٽون به جاري ڪيون هيون ته حڪومت 24 جولاءِ کان سڀني دڪانن ۾ ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏيندي ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙ کي هڪ سئو پائونڊ ڏنڊ ڀرڻو پوندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔