ڍنڍ ۾ ٻڏي ويل هالي ووڊ اداڪارا جو لاش هٿ

ڪيليفورنيا: آمريڪي رياست ڪيليورنيا جي شهر لاس اينجلس ڀرسان ڍنڍ ۾ ٻڏي ويل هالي ووڊ اداڪارا ۽ ڳائڻي نايا ريويرا جو مڙهه هٿ اچي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب 33 ورهين جي نايا ريويرا 8 جولاءِ تي پنهنجي چئن ورهين جي پٽ سان گڏ لاس اينجلس کان 45 ميل پري پيرو ڍنڍ ۾ تفريح لاءِ وئي هئي ۽ واپس نه موٽي.
اداڪارا جو پٽ ڍنڍ ۾ ترندڙ ٻيڙي تان اڪيلو هٿ آيو هو، جنهن پوليس اختيارين کي ٻڌايو ته هو پنهنجي ماءُ سان گڏ ويو هو پر سندس ماءُ وڃائجي وئي.
نايا ريويرا جي لاش جي گذريل 6 ڏينهن کان ڳولا جاري رهي، ان دوران ٽوٻن ۽ ريسڪيو ٽيمن طرفان جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔