اداڪار سشانت سنگهه ٻن مرضن ۾ ورتل هو

بالي ووڊ اداڪار سشانت سنگھه راجپوت جي آپگھات جي حوالي سان اڃا جاچ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته هاڻ اها ڳالهه به سامهون آئي آيه ته اداڪار ڊپريشن جي ٻن خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا هو جنهن جو هو علاج به ڪرائي رهيو هو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب سشانت سنگھه راجپوت جي آپگھات واري معاملي جي جاچ ڪندڙ هڪ پوليس آفيسر انڪشاف ڪيو آهي ته اداڪار ڊپريشن جي ٻن بيمارين جو علاج ڪرائي رهيو هو جڏهن ته لاڪ ڊائون کان هڪ هفتو اڳ هو هندوجا اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ لاءِ داخل به ٿيو هو. پوليس جو چوڻ هو ته سشانت سگھه “پيرانويا” ۽ “بائپولر ڊس آرڊر” جي خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا هو. پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته اداڪار پنهنجي مصروفيتن باوجود به پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو هو ۽ اها ڳالهه شاهدن کان پڇا ڳاڇا بعد سامهون آئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔