پب جي گيم تي پابندي خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: هاءِ ڪورٽ آن لائن پب جي گيم تي پابندي خلاف درخواست ٻڌڻي مڪمل ڪري فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پب جي گيم تي لڳل پابندي جي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران عدالت پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته گيم تي پابندي قانون جي ڪهڙي شق جي تحت هنئي وئي؟
عدالت پي ٽي اي جي وڪيل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جڏهن سي پي او سڀاڻي چوندو سڀ ڪجهه بند ڪري ڇڏيو ته ڇا توهان بند ڪندا؟ ٻڌايو وڃي ڪنهن جي شڪايت آهي ته هي گيم مذهبي تعليم جي خلاف آهي؟
پي ٽي اي جي وڪيل جواب ڏنو ته صورتحال اهڙي بڻجي وئي هئي جو پب جي گيم تي پابندي لڳائڻي پئي، ان تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته صورتحال نه پر توهان کي قانون جي موجب فيصلو ڪرڻو آهي.
دليل ٻڌڻ کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پب جي گيم تي پابندي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ۾ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔