احتساب جو لفظ ٻڌندي ئي بلاول اينڊ ڪمپني کي اي پي سي ياد اچي وڃي ٿي: فياض چوهاڻ

لاهور :پنجاب جي سڌ سماءَ جي وزير فياض الحسن چوهان چيو آهي ته احتساب جو لفظ ٻڌندي ئي بلاول اينڊ ڪمپني کي اي پي سي ۽ ارڙهين ترميم ياد اچي وڃي ٿي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي فياض چوهاڻ چيو ته بلاول پنهنجي نالي سان ڀٽو لڳائي پنهنجي والد جي ڪار گذارين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري نٿو سگهي. هن چيو ته ٽرڪ پٺيان ايف سورهن لکڻ سان اهو جنگي جهاز بڻجي نٿو سگهي. پنجاب جي وزير چيو ته بلاول ، آصف زرداري،فريال ٽالپر، مظفر اويس ۽ ٻين کي بچائڻ لاءِ ننهن چوٽي جا زور لڳائي رهيوآهي. هن چيو ته پ پ جون ٽي ٽيون پڪڙيون وڃن ٿيون ته انهن جون سيٽيون ۽ رڙيون مريخ تائين ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. هن چيو ته 2008 کان 18 تائين ڪراچي ۾ 15 هزار ماڻهو پ پ جي ناجائز سياست جي ور چڙهي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔