فياض الحسن چوهاڻ جي بدزباني مان تربيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي : سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته فياض الحسن چوهاڻ جي بدزباني مان ئي سندس تربيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، چوهاڻ جهڙا ماڻهو بلاول ڀٽو خلاف ڳالهائي پنهنجو ننڍو قد وڌائڻ جي ڪوششن ڪندا آهن، جيالا کنڊ چورن کي جواب ڏيڻ ڄاڻين ٿا، ڪرپشن پٺيان لڪيل چهرن کي وائکو ڪنداسين. پنجاب جي صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته چوهاڻ جهڙا ماڻهو بلاول ڀٽو خلاف ڳالهائي پنهنجو ننڍو قد وڌائڻ جي ڪوششن ڪندا آهن. مرتضي وهاب چيو ته، فياض الحسن چوهاڻ جي بدزباني مان ئي سندس تربيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، چوهاڻ پنهنجي سيٽ بچائڻ لاءِ ڪريل الزام لڳائي رهيو آهي. سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته جيالا کنڊ چورن کي جواب ڏيڻ ڄاڻين ٿا، ڪرپشن پٺيان لڪيل چهرن کي وائکو ڪنداسين…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔