وزيران ڇڇر جي قتل واقعي جي ايف آءِ آر اڻپوري،وومين ايڪشن فورم

ڄامشورو :وزيران ڇڇر جي قتل واقعي جي ايف آءِ آر اڻپوري آهي، ڪيس ۾ قتل سان لاڳاپيل قلم به شامل نه ڪيا ويا، پوليس ڪيس جي هڪ رُخي ۽ محدود پئماني تي جاچ ڪري رهي آهي، وومين ايڪشن فورم جي فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ وزيران ڇڇر قتل ڪيس ۾ ڄامشورو پوليس جي ڪارڪردگي تي ڪيترائي سوال اُٿاري ڇڏيا، 10 رُڪني ڪميٽي فيڪٽ فائينڊنگ رپورٽ جاري ڪندي وزيرن ڇڇر قتل واقعي کي ڄامشورو پوليس لاءِ ٽيسٽ ڪيس قرار ڏئي ڇڏيو، امر سنڌو، رخسانه پريت چنڙ، ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو ۽ ٻين ميمبرز چيو آهي ته پوليس جي ڪارڪردگي اطمينان جوڳي نه آهي، شڪ آهي ته وزيران ڇڇر کي اجتماعي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو، پر پوليس ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ مقتولڻ جي ڪپڙن جا جُزا نه ورتا، ڊاڪٽرز به جُزا وٺڻ ۾ لاپرواهي ڪئي آهي، فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي وزيران ڇڇر قتل جو ٻيهر ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته پوليس سياسي دٻاءُ ۾ آئي ته ڪيس راڄوڻي ذريعي لوڙهيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔