پاڪستان ۾ هڪ نه ٻه نه، مائنس 21 ٿيڻ وارا آهن: حليم عادل شيخ

ڪراچي:پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري کي سهارو گهرجي، هو مولانا فضل الرحمان جي ڪلهن تي سوار ٿي اسلام آباد وڃڻ چاهي ٿو پر هاڻي هڪ نه ٻه نه پورا مائينس 420 ٿيڻ وارا آهن.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه پئي ڪري ، هڪ عام ماهيگير کي پنهنجي ٻيڙي سمنڊ ۾ لاهڻ جي اجازت ناهي

سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو جي پريس ڪانفرنس ۾ سندس محرومي ظاهر ٿي رهي هئي ، هن چيو ته بلاول ڀٽو جوچوڻ هو ته ارڙهين ترميم کي ڇيڙيو ويو ته اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪيو ويندو ، پر بلاول جي ٽنگن ۾ ته ساهه ئي ناهي هن کي سهاري جي ضرورت آهي ۽ هو مولانا فضل الرحمان جو سهارو وٺي رهيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔