علائقي جي امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل ضروري آهي:چوڌري محمد سرور

لاهور: پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور خان چيوآهي ته ڪشمير ۾ بدترين رياستي دهشتگردي جاري آهي ۽ ڪشميري پڇي رهياآهن ته گڏيل قومون ڪٿي آهن.

گورنرهائوس لاهور۾ مختلف علائقن کان ايندڙ وفدن سان ڳالهائيندي گورنرپنجاب چوڌري سرورجو چوڻ هو ته عمران خان حقيقي طور تي ڪشميرين جو نمائندو بڻجي دنيا ۾ انهن جو ڪيس وڙهي رهيو آهي۽ علائقي جي امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل ضروري آهي

سندس چوڻ هو ته ڊوگر راڄ آزادي واري تحريڪ کي ڪچلي سگهيو نه ئي ڪڏهن هٽلر نريندر مودي پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿيندو پر هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ ڪشمير جي آزادي واري تحريڪ مضبوط ٿي رهي آهي هن چيو ته 22 ڪروڙ پاڪستاني عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهن ۽ ڪشمير جي آزادي لاءِ ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان پاسو نه ڪندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔