مودي سرڪار کي وڏو جهٽڪو ،ايرانَ ڀارت کي اهم پراجيڪٽ کان الڳ ڪري ڇڏيو

نئين دهلي: علائقي ۾ پاڙيسيرين جي لاءِ مسئلا پيدا ڪندڙ ملڪ ڀارت کي هڪ ٻيو وڏو ڌڪ رسيو آهي ، ، ايران کيس چاهه بهار ريل منصوبي کان الڳ ڪري ڇڏيو

ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت پاران فنڊ دير سان ڏيڻ جي ڪري مجبور ٿي ايران کي اهو قدم کڻڻو پيو ، ڀارت کي جدا ڪرڻ کانپوءِ ايران هاڻي ان تي اڪيلو ئي ڪم ڪندو

ايران هاڻي چاهه بهار جو اهو منصوبو ڀارت کان سواءِ ئي مڪمل ڪندو ، ڀارت ۽ ايران وچ ۾ اهو منصوبو اڄ کان چار سال اڳ ٿيو هو

منصوبي تحت افغان سرحد تي چاهه بهار کان زاهدان تائين ريلوي لائين جو ڪم ڪرڻو هون جيڪو هاڻي ايران اڪيلي سر ئي انجام ڏيندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔