خورشيد شاهه خلاف جاچ جاري، قتل ٿي ويل واپاري کي طلبي جا نوٽيس جاري

سکر: نيب سکر پاران پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي جاچ جي سلسلي ۾ 2 سال اڳ قتل ٿيل شخص کي نوٽيس جاري ڪري اڄ طلب ڪيو ويو، ذريعن موجب نيب پاران طلب ڪيل ڪمليش ڪمار 2 سال اڳ قتل ٿي چڪو آهي. نيب سکر پاران پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد احمد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري معاملي جي جاچ جاري آهي، جنهن تحت ڪراچي سان واسطو رکندڙ واپاري ڪمليش ڪمار کي نوٽيس جاري ڪري اڄ طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب طلب ڪيل واپاري ڪمليش ڪمار 2 سال اڳ قتل ٿي چڪو آهي، پر نيب پاران خورشيد شاهه جي اسلام آباد ۾ بئنڪ اڪائونٽ جي ٽرانزيڪشن بابت بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ چيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔