آصف زرداري پاران پارڪ لين ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ کان اڳ بريت جي استدعا

اسلام آباد: اڳوڻي صدر آصف زرداري پارڪ لين ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ کان اڳ بري ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي احتساب عدالت پارڪ لين ريفرنس ۾ نيب جي اختيارن جي خلاف آصف زرداري جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏيندي چيو ته 12 جولاءِ 2019 تي هي ريفرنس داخل ڪيو ويو، آرٽيڪل چار تحت آصف زرداري جي خلاف ڪوبه قدم کڻي نٿو سگهجي،پارڪ لين ۽ پارٿيون ٻه الڳ الڳ ڪمپنيون آهن،پارٿيون ڪمپني ايس اِي سي پي ۾ رجسٽرڊ آهي،آصف زرداري صدر ٿيڻ وقت ڪمپني جي ڊائريڪٽر تان استعيفا ڏئي ڇڏي هئي. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته نيب جو الزام آهي ته پارٿيون ڪمپني، پارڪ لين جي فرنٽ مين ڪمپني آهي، ڏيڍ ارب رپين جو قرض پارٿيون ڪمپني ورتو،قرض عيوض پارڪ لين جي پراپرٽي گروي رکي وئي،وڪيل چيو ته ان ڪيس ۾ بينڪ شڪايت ڪندڙ ناهي،ريفرنس فائل ڪرڻ کان پهريان پارٿيون کي نوٽسز ڏيڻ گهربا هئا. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته قرض پارٿيون ڪمپني کي مليو پر آصف زرداري کي نه ڏنو ويو ،ريفرنس ۾ نقصان بينڪ جو ٿيو،قومي خزاني کي نقصان ڪٿان پهتو؟ عدالت پارڪ لين ريفرنس جي ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔