کير جي اگهن ۾ تبديلي ناهي ڪئي، منافعي خورن خلاف ڪارروايون ڪيون آهن: ڪمشنر ڪراچي

ڪراچي :ڪراچي ۾ کير في ڪلو 120 رپين ۾ وڪرو جاري آهي، ڪمشنر ڪراچي چيو آهي ته کير جي اگهن ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي ڪجهه منافعي خورن خلاف ڪارروايون ڪيون آهن، ڊيري فارمز ۽ هول سيلرز کي ٽيڪس جي نيٽ ۾ آڻڻو پوندو، ڊيري فارمرز ايسوسئيشن جي صدر شاڪر گجر سرڪاري اگهه تي کير وڪرو ڪرڻ کان نابري واريندي چيو آهي ته،کير في الحال 120 رپين ۾ ئي وڪرو ٿيندو، ڪمشنر ڳالهين جو رستو اختيار ڪري طاقت جو نه . ڪراچي انتظاميا کير جي اگهن تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، شهر ۾ کير في ڪلو 120 رپين ۾ وڪرو جاري آهي. ڪمشنر ڪراچي جو چوڻ آهي ته کير جي اگهن ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي، ڪجهه منافعي خورن خلاف ڪاررايون ڪيون ويون آهن. ڪمشنر چيو ته ڪنهن کي به پنهنجي مرضي تي کير وڪرو ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي،ڊيري فارمز ۽ هول سيلرز وٽ ڪو به رڪارڊ موجود ناهي، ڊيري فارمز ۽ هول سيلرز کي ٽيلس نيٽ ۾ آڻڻو پوندو. ٻي پاسي ڊيري فارمرز ايسوسئيشن کير 120 رپيا وڪرو ڪرڻ واري هوڏ تي قائم آهي. ڊيري فارمرز ايسوسئيشن جي صدر شاڪر گجر چيو آهي ته ، زبردستي94 رپيا کير وڪرو نه ٿا ڪري سگهون، کير في الحال 120 رپين ۾ ئي وڪرو ٿيندو، ڪمشنر طاقت بدران ڳالهين جو رستو اختيار ڪري ..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔