وفاقي حڪومت جي اعلان باوجود ڪراچي ۾ بدترين لوڊشيڊنگ جاري

اسلام آباد : وفاقي حڪومت جي اعلان باوجود ڪراچي ۾ بدترين لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، بن قاسم پلانٽ ۾ خرابي سبب شهر جي اڪثر علائقن ۾ شهرين سموري رات جاڳي گذاري، ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان بجلي جي لوڊشيڊنگ کي اڻٽر قرار ڏيندي چيو آهي ته 130 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار نه ٿيڻ سبب مختلف علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جاري رهندي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ وفاقي وزير اسد عمر جي وڏي واڪي اعلان باوجود ڪراچي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي. ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ شهرين بجلي نه هجڻ ڪري رات جاڳي گذاري. ڪي اليڪٽرڪ ترجمان بجلي جي لوڊشيڊنگ کي اڻٽر قرار ڏيندي چيو آهي ته 130 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار نه ٿيڻ سبب مختلف علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جاري رهندي. ڪي اليڪٽرڪ ترجمان جو چوڻ آهي ته رهائشي صارفين سبب صنعتي زونز کي به لوڊشيڊنگ ڀوڳڻي پوندي، لوڊ مئنيجمينٽ شيڊول ڪي اليڪٽرڪ جي ويب سائيٽ تي موجود آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔