ڪرونا وبا سبب دنيا ۾ 5 لک 75 هزار 543 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا

نيو يارڪ : عالمي وبا ڪرونا وائرس سبب دنيا ۾ 5 لک 75 هزار 543 شهري فوت ٿي ويا،جڏهن ته هڪ ڪروڙ 32 لک 38 هزار متاثر ٿيا آهن ۽ 76 لک 98 هزار صحتياب ٿي ويا آهن. آمريڪا ۾ ڪرونا کان متاٿر شهرين جو تعداد 34 لک 79 هزار ٿي ويو آهي، جڏهن ته فوتين جو انگ وڌي ڪري هڪ لک 38 هزار 247 ٿي ويو. برازيل ۾ 18 لک 87 هزار کان وڌيڪ شهري متاثر ٿيا آهن ۽ فوتين جو تعداد 38 هزار 247 ٿي ويو. ڀارت ڪرونا وائرس کان متاثر ٿيندڙ ٽيون ملڪ آهي، جتي مريضن جو تعداد 9 لک 7 هزار کان وڌي ويو ، جڏهن ته 23 هزار 727 شهري جان جي بازي هارائي ويا. روس ۾ ڪرونا کان متاثر ماڻهن جو تعداد 7 لک 33 هزار ٿي ويو آهي، جڏهن ته فوتين جو انگ 11 هزار 439 ٿي ويو. پيرو ۾ ڪرونا سبب فوتين جو تعداد 12 هزار 54 ٿي ويو. اسپين ۾ ڪرونا 28 هزار ، ميڪسيڪو ۾ 35 هزار ، برطانيا ۾ 44 هزار ۽ ايران ۾ 13 هزار 32 شهري حياتيون وڃائي ويٺا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔