ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 50 مريض فوت، 1979 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد :ڪرونا وائرس جا هاڃا جاري آهن،ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 50 شهري حياتيون وڃائي ويٺا، جنهن بعد فوتين جو تعداد 5 هزار 320 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ملڪ ۾ ڪرونا جا 24 ڪلاڪن دوران 19 سئو 79 نوان ڪيس سامهون اچي ويا. ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب مريضن جو انگ 2 لک 53 هزار 640 ٿي ويو. سنڌ ۾ هڪ هزار 826 حياتيون ضايع ٿي ويون،جڏهن ته متاثرن جو انگ هڪ لک 6 هزار 662 ٿي ويو. پنجاب ۾ 2 هزار 26 شهري حياتيون وڃائي ويٺا ۽ 87 هزار 492 ڄڻا ڪرونا کان متاثر ٿيا آهن. ڪي پي ۾ هڪ هزار 106 ۽ اسلام آباد ۾ فوتين جو انگ 155 ٿي ويو. رپورٽس مطابق بلوچستان ۾ 126 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن،جڏهن ته 11 هزار 192 شهري متاثر ٿيا آهن. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 155،گلگت ۾ 36، آزاد ڪشمير ۾ 45 ڄڻا فوت، ٿي ويا، هينئر تائين ملڪ ۾ مجموعي طور هڪ لک 70 هزار 556 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔