رياستي ادارن تي تنقيد جوالزام، جاويد هاشمي خلاف ڪيس داخل

ملتان: پوليس ۽ رياستي ادارن تي تنقيد جي الزام ۾ سينئر سياستدان ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ مخدوم جاويد هاشمي جي خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس جاويد هاشمي جي خلاف ملتان جي علائقي ڪينٽ ٿاڻي ۾ 647 نمبر ڪيس داخل ڪري ايف آءِ آر کي سيل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جاويد هاشمي جي گرفتاري لاءِ اسپيشل ٽيم جوڙي ڇڏي آهي.

ان حوالي سان ڪينٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او سميت پوليس جي اعليٰ اختيارين ڪنهن به قسم جو موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

ٻئي طرف جاويد هاشمي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته مون ڪابه غلط ڳالهه ناهي ڪئي. پنج ڀيرا ملڪ جو آئين ڪنهن ٽوڙيو.؟ آئين ٽوڙيندڙن جي خلاف ڳالهائيندو رهندس پوءِ ڀلي مون کي جيلن ۾ وجهي ڇڏين پر آئون ضمانت به نه ڪرائيندس

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔