انڊونيشيا ۾ ماسڪ نه پائيندڙن کي ملندي (پش اپس) لڳائڻ جي سزا!!!

جڪارتا: سڄي دنيا ۾ ماڻهن کي ڪورونا وائرس کان بچڻ جي لاءِ ماسڪ پائڻ جون هدايتون ڏنيون پيون وڃن پر ڪيترن ئي ماڻهن طرفان ان تي عمل نه پيو ڪيو وڃي.ڪيترن ئي ملڪن ۾ ايس او پيز ۽ ماسڪ نه پائڻ جون ڀڃڪڙيون ڪرڻ تي ماڻهن کي سزائون ڏيڻ سان گڏوگڏ انهن مٿان ڏنڊ به لاڳو ڪيو پيو وڃي. پر هاڻ تازو ئي انڊونيشيا ۾ ماسڪ نه پائيندڙن کي هڪ انوکي سزا ڏني وئي آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب انڊونيشيا جي شهر بالي ۾ اختيارين ماسڪ نه پائيندڙن کي سزا جي طور تي پش اپس لڳرائي ڇڏيا. پوليس جو چوڻ آهي ته جيڪو شخص ٻاهر نڪرڻ دوران ماسڪ جو استعمال نه ڪندو ته انهن کي روڊ تي ئي پش اپس لڳرايا ويندا.پوليس جي ان منفرد سزا جي وڊيو سوشل ميڊيا تي به ڪافي وائرل ٿي آهي جنهن ۾ روڊ تي ماڻهو پش اپس لڳائي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔