ڪراچي ۾ 20 جولاءِ کان پوليو کان بچاءُ واري مهم شروع ڪئي ويندي

ڪراچي: ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 20 جولاءِ کان پوليو کان بچاءُ واري مهم شروع ڪئي ويندي.ايمرجنسي آپريشن سينٽر موجب ڪراچي ۾ پوليو کان بچاءُ واري مهم دوران 2 لک 60 هزار ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا. ڪورونا سبب پوليو کان بچاءُ واري مهم کي پهرين مرحلي ۾ محدود ڪيو ويو آهي. مارچ کان هينئر تائين ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا نه پياريا ويا آهن.انتظاميه موجب آگسٽ کان ڊسمبر تائين باقاعدگي سان پوليو کان بچاءُ واري مهم هلائي ويندي. پوليو کان بچاءُ واري مهم جي دوران ايس او پيز تي عمل ڪرڻ لازمي هوندو. پوليو واري مهم ۾ پوليو ورڪرز سينيٽائيزر، گلوز ۽ ماسڪ جو استعمال ڪندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔