روسي حڪومت ڪورونا کان متاثر ڳوٺ جي چوڌاري کاهي کوٽي ڇڏي

ماسڪو: روس ۾ ڪورونا وائرس جي خوف کان هڪ پوري ڳوٺ جي چوڌاري گهري کاهي کوٽي اتان جي رهواسين کي جبري طور تي قرنطينه تائين محدود ڪيو ويو آهي.

مقامي ۽ خود روسي حڪومت جو موقف آهي ته شايد هيءَ وبا هڪ ڏڻ جي ڪري ڦهلي آهي جنهن کي شامان چيو ٿو وڃي، انهن رسمن سان ماڻهو روحن ۽ غيرزميني مخلوق سان رابطو ڪندا آهن ۽ شايد شولوٽا ڳوٺ جا ماڻهو ان رسم ۾ ملوث رهيا آهن.

هي ڳوٺ سائبيريا جي مشهور ڍنڍ بيگل کان 30 ڪلوميٽر پري آهي جتي صرف 390 ماڻهو رهن ٿا، پهرين هتي 37 ماڻهن کي ڪورونا جو مرض ٿيو هو ان کانپوءِ ڳوٺ کان ٻاهر وڌيڪ 95 ماڻهو ڪورونا جو شڪار ٿي ويا جنهن کانپوءِ ٻين علائقن ۾ ان وبا جو خوف تيزيءَ سان ڦهلجڻ لڳو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔