وزيراعظم گڏيل صلاح مشوري سان ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري :چوڌري شجاعت

لاهور: مولانا فضل الرحمان اسلام آباد ۾ ڌرڻي لاءِ آيو ته ڪجهه ماڻهو چڙهائي جون ڳالهيون ڪري رهيا هئا، پرويز الاهي وزيراعظم عمران خان سان ڳالهايو ۽ مشورو ڏنو ته تشدد ۾ ڪو ماڻهو مري ويو ته ڪير به ذميواري کڻڻ لاءِ تيار نه هوندو، وزيراعظم کي جواب ڏيڻو پوندو، ق ليگ اڳواڻ چوڌري شجاعت حسين مولانا فضل الرحمان جي اسلام آباد واري ڌرڻي بابت اهڪ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته پرويز الاهي جي مشوري کانپوءِ ڌرڻي تي چڙهائي وارو فيصلو ملتوي ڪيو ويو، مولانا جي معاملي تي سندن پارٽي مٿان الزام لڳايا يا پر پرويز الاهي جي ٻطرفي سوچ سان معاملو بهتر نموني حل ٿي ويو، اسلام آباد ۾ هڪ پاسي پوليس بيٺل هئي ته ٻئي پاسي مدرسن جا شاگرد مولانا فضل الرحمان جي حڪم جو انتظار ڪري رهيا هئا، اهڙين حالتن ۾ مولانا فضل الرحمان ڏاهپ جو ثبوت ڏنو، چوڌري شجاعت وزيراعظم عمران خان کي هڪ ڀيرو ٻيهر مشورو ڏنو آهي ته مسئلن کي مشاورت سان حل ڪري ۽ سڀ شيون وساري ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔