وزيراعظم جو پنهنجي ٽيم جي ڪارڪردگي تي سمجهوتو نه ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان حڪومتي معاملن ۾ دير جا حربا استعمال ڪندڙن کي رعايت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

حڪومتي ذريعن موجب وزيراعظم حڪومتي معاملن ۾ دير جا حربا استعمال ڪندڙن کي رعايت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، حڪومت جي فيصلن تي ڪيترو عمل ٿيو، ان سلسلي ۾ هاڻ وزيرن، مشيرن، ۽ ڪامورن کي حقيقتون ٻڌائڻيون پونديون، وزيراعظم پرفارمنس ريڪارڊ هاڻ پنهنجي ڊائري ۾ نوٽ ڪرڻ شروع ڪيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم دير جا حربا استعمال ڪرڻ تي ڪيترن ئي آفيسرن کان پڇاڻو به ڪيو ۽ اعليٰ آفيسرن کي چيو ته ڪارڪردگي ڏيکاريو نه ته گهر هليا وڃو، ان کان علاوه وزيراعظم پنهنجي ٽيم تي به واضح ڪندي چيو ته وزارتون هجن يا ڊويزن، حڪومتي معاملن ۾ ڪوتاهي يا دير ڪرڻ کي برداشت نه ڪندس

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔