مشڪ لاءِ مستقبل ۾ ڪيترائي سبق منتظر آهن، يمنيٰ زيدي

ڪراچي : ڊراما سيريل راز الفت ۾ مشڪ جو مک ڪردار نڀائيندڙ اداڪارا يمنيٰ زيدي جو چوڻ آهي ته مشڪ لاءِ مستقبل ۾ ڪيترائي سبق منتظر آهن. ڊراما انڊسٽري جي باصلاحيت ۽ خوبصورت اداڪارا يمنيٰ زايدي انسٽاگرام تي ڊرامي راز الفت جي هڪ سين جي تصوير شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو ته مشڪ لاءِ مستقبل ۾ ڪيترائي سبق منتظر آهن. هن وڌيڪ لکيو ته راز الفت ڏسڻ جي مهرباني. واضح رهي ته اداڪارا يمنيٰ زيدي ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته منهنجي هميشه کان خواهش هئي ته مان پنهنجو ٽيلينٽ يعنيٰ اداڪاري ٽي وي تي ڪريان ۽ مان پنهنجو اهڙو خواب پورو ڪرڻ لاءِ ڪيترائي آڊيشنز به ڏنا جن ۾ مون کي ناڪامي ٿي پر مان همت نه هاري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔