اسان ذوالفقار مرزا جو گند صاف ڪيو، هاڻي اُن کي حُر سڏيو پيو وڃي،سعيد غني

ڪراچي : صوبائي وزيرن پي ٽي آءِ سرڪار تي دهشتگردن جي سرپرستي جا الزام هڻندي چيو آهي ته اسان ذوالفقار مرزا جو گند صاف ڪيو، هاڻي اُن کي حُر سڏيو پيو وڃي، ذوالفقار مرزا 2011ع ۾ پ پ مٿان ڌڙا ڌڙا الزام لڳائي رهيو هو ته اسپيڪر جي عهدي تي ويٺل فهميده مرزا پنهنجي مڙس جي حمايت ۾ ڇو نه ڳالهايو؟ آصف زرداري فهميده مرزا کي اسلامي دُنيا جي پهرين اسپيڪر بڻايو، هو هينئر جيڪو ڪجهه به آهي، آصف زرداري جي ٿورن سان آهيو، صوبائي وزير سعيد غني پريس ڪانفرنس دوران چيو ته پي ٽي آءِ طالبانن جي سرپرست رهي آهي، عذير بلوچ جي رپورٽ تي واويلا ڪندڙ پي ٽي آءِ وارن بلديه سانحي جِي رپورٽ کي اسڪرين تان غائب ڪري ڇڏيو، رپورٽ ۾ وفاقي حڪومت جي اتحادي جماعت جي ماڻهن جا نالا آهن، عذير بلوچ پيپلز پارٽي خلاف احتجاج ڪري رهيو هو ته پي ٽي آءِ سوڌو سمورين وڏين جماعتن ساڻس رابطا ڪري پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جون آڇون ڪيون، علي زيدي، صدر عارف علوي ۽ گورنر عمران اسماعيل عذير بلوچ سان ڳالهين لاءِ هڪ ڪميٽي به جوڙي هئي، پي ٽي آءِ جا اڳواڻ به عذير بلوچ کي دعوتون ڏيندا رهيا آهن، سعيد غني جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جا عذير بلوچ سان رابطا رهيا، عذير بلوچ هر سياسي جماعت سان ويجهڙائي رکي، پيپلز امن ڪميٽي جا پي ٽي آءِ سان لاڳاپا رهيا آهن، عذير بلوچ کي پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ملاقاتون ڪيون ويون، ذوالفقار مرزا جيڪو گند ڪيو، اها سڀني کي خبر آهي، گند ڪندڙ شخص کي حُر چوڻ بيوقوفي آهي، هن چيو ته ذوالفقار مرزا کي گهرو وزير بڻائڻ پارٽي جي وڏي غلطي هئي، پي ٽي آءِ جا دهشتگرد تنظيمن سان تعلق هئا ۽ آهن، حڪومت بحران پيدا ڪري کنڊ اسڪينڊل تان ڌيان هٽايو، حڪومت جهانگير ترين کي ٻاهر فرار ڪرائي ڇڏيو، وفاقي حڪومت پي آءِ اي کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿي، نالائق حڪومت سبب دنيا ۾پي آءِ اي تي پابندي لڳائي وئي، پي آءِ اي کي ايترو نقصان ماضي جي حڪومتن نه پهچايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔