عالمي سطح تي اسان جو جسٽس نظام ٺيڪ نه آهي،جسٽس مشير عالم

اسلام آباد : جسٽس مشير عالم چيو آهي ته عالمي سطح تي اسان جو جسٽس نظام ٺيڪ نه آهي، ورلڊ جسٽس پروجيڪٽ جي رپورٽ موجب انصافي جي فراهمي واري نظام جي حوالي سان 128 ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان 120هين نمبر تي آهي، جسٽس مشير عالمي ڪورونا سبب عدالتي نظام کي پيش آيل چئلينجز بابت ڪوٺايل تقريب کي خطاب دوران چيو آهي ته ڪورونا سڄي دنيا کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ڪيسز تي تڪڙو فيصلو ناهي ٿيندو ته اسان کي به وڪيلن اڳيان منهن لڪائڻو پوندو آهي، اسان سڀ کان پهرين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آٽوميشن جي ڪوشش ڪئي پر وڪيلن آٽوميشن کي پنهنجو دشمن سمجهيو ۽ احتجاج شروع ڪيو، هاڻي اُهو وقت پري نه آهي جو سائل موبائيل ذريعي ڪيسز داخل ڪري سگهندا ۽ پوءِ اسان کي منهن لڪائڻ جي ضروت نه پوندي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ تقريب دوران چيف جسٽس اطهر من الله سوڌو سينيئر ججز ۽ وڪيل اڳواڻن شرڪت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔