سي پيڪ رٿائن سان 8 هزار روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا:چيئرمين اٿارٽي

اسلام آباد: سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ آصف سليم باجوه چيو آهي ته سي پيڪ رٿائن سان 8 هزار روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا .

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ ليفٽيننٽ ريٽائرڊ عاصم سليم باجوه جو چوڻ هو ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فاروق حيدر ۽چيني ڪمپنين جي سربراهن سان ملاقات ٿي آهي

هن چيو ته ملاقات ۾ ڪوهالا پاور ۽ آزاد پتن پاور رٿائن تي ڪم شروع ڪرڻ بابت ڳالهين کان سواءِ ٻين منصوبن تي به جلد ڪم شروع ڪرڻ بابت صلاح مشورا ڪيا ويا .

سي پيڪ چيئرمين چيوته رٿائن سان چار ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جي راهه هموار ٿيندي ، توانائي جا منصوبا 1800 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندا جڏهن ته رٿائن سان 8 هزار روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔