ٿر تان موت ٽارو نه ڪيو، خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت

مٺي : ٿر تان موت ٽارو نه ڪيو، خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي وڌيڪ 3 ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا، سول اسپتال مٺي ۾ سوائي ڀيل،گَنگُو ڀيل ۽ صبغت الله هنڱورجو جا تازا ڄاول ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته هلندڙ مهيني فوتي ٻارن جو انگ 21۽ هلندڙ سال 400 ٿي ويو آهي، مٺي ۽ ٻين اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ سبب مريض توڙي انهن جا وارث پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، متاثرن جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار خوراڪ جي کوٽ ختم ناهي ڪئي، سهولتن جي کوٽ سبب پريشان آهيون، واهر ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔