سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪي اليڪٽرڪ جي اوور بلنگ بابت نيپرا جو رڪارڊ طلب

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ جي اوور بلنگ جي حوالي سان نيپرا جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ اوور بلنگ خلاف درخواستگذار کي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي تياري ڪري پيش ٿيڻ جي هدايت، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ بنا جواز اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪري شهرين جي زندگي عذاب بڻائي وئي آهي، 10 کان 12 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ مان شهري تنگ ٿي ويا آهن، سياسي جماعتون به مسئلو حل ڪرائڻ بدران لوڊشيڊنگ جي معاملي تي سياست ڪري رهيون آهن، درخواستگذار طرفان نيپرا کي ڪي اليڪٽرڪ خلاف ڪارروائي لاءِ حڪم ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔