ناليواري شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نويس احمد نديم قاسمي جي 14 هين ورسي

ڪراچي: ناليواري قلمڪار، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار احمد نديم قاسمي ڪيتري ئي عرصي تائين پنهنجي قلم جوڌاڪو ڄمائي رکيو ، ادب جي آسمان تي اڄ به سندس لکڻيون ادب جي نگاهه سان ڏٺيون وڃن ٿيون ، اهڙي معتبري لکاري جي اڄ چوڏهين ورسي ملهائي پئي وڃي

احمد نديم قاسمي 20 نومبر 1916 ع تي خوشاب جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄائو ، سندس نالو احمد شاهه رکيو ويو ، والد پاران پير غلام نبي سڏبو هو،

قاسمي صاحب کان ننڍي لاڪون ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هو ، سندس شاعري جي شروعات 1931 کان ٿي جنهن کانپوءِ هو شاعري، ادب ۽ صحافت جي دنيا ۾ اڳتي وڌندو ويو ۽ پنهنجو اعليٰ مقام ماڻي ورتو

سندس 17 کان وڌيڪ ڪهاڻين ۽ 6 کن شاعري جا ڪتابن سميت ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ، کيس سندس خدمتن جي مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔