ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ گئس ۽ فرنس آئل جي کوٽ سبب ٿي رهي آهي: ڪي اليڪٽرڪ

اسلام آباد: ڪي اليڪٽرڪ هڪ ڀيرو ٻيهر فرنس آئيل ۽ گئس جي کوٽ کي ڪراچي ۾ بدترين لوڊشيڊنگ جو ڪارڻ قرار ڏئي ڇڏيو، نيپرا چيئرمين جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ بدترين لوڊشيڊنگ واري معاملي تي ٻڌڻيءَ دوران ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي چيو آهي ته هن وقت نيشنل گرڊ مان 730 ميگاواٽ بجلي ملي رهي آهي، اُن کان وڌيڪ بجلي ملي ته سسٽم ۾ خرابي ٿي سگهي ٿي، ڪينپ پاور پلانٽ جي بحاليءَ ۾ 5 ڏينهن لڳي سگهن ٿا، ڪي اليڪٽرڪ جو ڪوبه ڏوهه ناهي، نيپرا چيئرمين توصيف ايڇ فاروقي ڪي اليڪٽرڪ کان بجلي جي پيداوار ۽ ورڇ جا تفصيل طلب ڪندي چيو آهي ته ڪورونا سبب هوٽل، اسڪولز ۽ شادي هالز بند آهن، اهڙي صورتحال ۾ ته اضافي بجلي هجڻ گهرجي، ڪي اليڪٽرڪ وارا ذميوار کڻن يا نه، اُهي اسان کي فيل ڪري رهيا آهن، ٻڌايو وڃي ته 11 مهينن ۾ گرڊ اسٽيشنز کي اپ گريڊ ڇو نه ڪيو ويو؟ نيپرا ۾ ٻڌڻيءَ دوران شهرين ڪي اليڪٽرڪ خلاف شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ جو سي اي او ويهڪ مان اٿي هليو ويو، عملدارن پاران ٻڌايو ويو ته توانائي واري وزارت طرفان فون اچڻ بعد هو هليو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔